پاڪستان آبادي جي حوالي سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي ويو

اسلام آباد: پاڪستان آبادي جي حوالي سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي ويو. چين، ڀارت، آمريڪا ۽ انڊونيشيا کان پوءِ پاڪستان جي آبادي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ آهي.

جرمن ميڊيا جي رپورٽ  موجب گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي آبادي يارنهن جولاءِ 2020 ۾ 22 ڪروڙ 10 لک ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ پاڪستان جي عوام آبادي جي حوالي سان برازيل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻ پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي.

گڏيل قومن موجب جولاءِ 1950ع کان جولاءِ 2020 تائين پاڪستان جي آبادي ۾ ڇهه سيڪڙو واڌ ٿي ملڪ جي موجوده ساليانه پيدائش واري شرح ٻه اعشاريه 8 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.

ماهرن موجب آبادي ۾ واڌ سبب ملڪي وسيلن تي تمام گهڻو وزن پئجي رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔