ڪراچي ۾ سڀاڻي کان بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿيندي: اسد عمر

ڪراچي:ترقي ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي آچر ڏينهن کان ڪا به بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه ٿيندي

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته سوئي سدرن گيس پاران ڪي اليڪٽرڪ کي گيس سپلاءِ ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي ،ڪي اليڪٽرڪ کي گيس جي فراهمي وڌائي 290 ملين ڪيوبڪ فٽ ڪئي پئي وڃي

هن چيو ته ڪراچي وٽ 2021 جي گرمين کان اڳ ۾ 550 ميگاواٽ واڌو بجلي هوندي ، اسد عمرچيو ته ڪي اليڪترڪ هڪ خانگي ادارو ضرور آهي پر ڪراچي کي خانگايو نه ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔