وزيراعظم عمران خان پاران بوسينيا ۾ قتل عام جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي ويڊيو پيغام

اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان بوسينيا،هرزگوينيا جي شهر سربرينيڪا ۾ قتل عام جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته مون کي اڄ به اهو ڏينهن ياد آهي،عمران خان چيو ته عالمي برادري کي اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪرڻي پوندي،ڏک آهي ته عالمي برادري اهڙي قتل عام جي اجازت ڪيئن ڏني؟ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 8 لک ڀارتي فوج قابض آهي،والاريل ڪشمير ۾ به سربرينيڪا جهڙي قتل عام جو خطرو آهي. وزير اعظم چيو ته سربرينڪا گڏيل قومن جي امن فوج جي محفوظ جنت هئي،اتي اهڙو سانحو ڪيئن پيش آيو. هن چيو ته ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق حاصل ڪريون،عالمي برادري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته آئينده اهڙا واقعا پيش نه اچن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔