شهباز شريف پاران پيٽرول بحران جي جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد : ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف پيٽرول بحران انڪوائري ڪميٽي جي جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ شهبازشريف چيو ته کنڊ جيان پيٽرول جا جوابدار پڪڙڻ ۾ حڪومت سنجينده ناهي. هن چيو ته موجودهه حڪومت مافيائن ۽ مافيائون حڪومت جي مدد سان هلي رهيون آهن،پيٽرول بحران تي حڪومتي رويو کنڊ اسڪينڊل جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. شهباز شريف جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومتي ناني ويڙهي سبب پيٽرول ذريعي قوم جا اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا. واضح رهي ته پيٽرول بحران بابت انڪوائري ڪميٽي 15 ڏينهن ۾ جاچ مڪمل نه ڪرڻ ناڪامي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه اهم مسئلن سبب رپورٽ جمع نه ٿي سگهي، جنهنڪري وڌيڪ وقت گهريو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔