ڪي اليڪٽرڪ سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت کي ڏيڻ بدران پرائيويٽ سيڪٽر کي وڪرو ڪئي، ڪمپني جي نجڪاري آرٽيڪل 157 جي ڀڃڪڙي آهي. ڪي اليڪٽرڪ کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت کي ڏيڻ بدران پرائيويٽ سيڪٽر کي وڪرو ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪرونا وائرس جو به خيال نه ڪيو ۽ اڌ رات جو به بجلي بند ڪئي وڃڄي ٿي، جنهن سبب ماڻهو گهرن مان باهر نڪري اچن ٿا ۽ ڪرونا پکڙجڻ جو خدشو وڌي وڃي ٿو. درخواستگذار جو چوڻ هو ته ڪمپني جي نجڪاري آرٽيڪل 157 جي ڀڃڪڙي آهي، تنهنڪري ان کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔