آيا صوفيه ۾ 24 جولاءِ تي نماز ادا ڪئي ويندي: ترڪ صدر

انقره: ترڪ صدر رجب طيب اردوان تاريخي اهميت رکندڙ ۽ يونيسڪو جي عالمي ورثي جي لسٽ ۾ شامل ميوزيم آيا صوفيه کي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ جي صدارتي حڪم نامي تي صحيح ڪري ڇڏي آهي ۽ 24 جولاءِ کان نماز جي ادائيگي جي شروعات جو اعلان ڪيو ويو آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ترڪي جي اعليٰ عدالت ڪونسل آف اسٽيٽ طرفان آيا صوفيه کي ميوزيم مان مسجد ۾ تبديل ڪرڻ جي حق ۾ فيصلو ايندي ئي ترڪ صدر ميوزيم کي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ جي لا صدارت حڪم تي صحيح ڪري ڇڏي. صدارتي حڪم تي صحيح کان پوِءِ صدر طيب اردگان اعلان ڪيو آهي ته 24 جولاءِ کان ميوزيم ۾ نماز جي ادائيگي شروع ٿي ويندي.ميوزيم جو ڪنٽرول مذهبي معاملن واري کاتي سنڀالي ورتو آهي. 1934ع کان پوءِ هاڻ ٻيهر ميوزيم ۾ اذان جون آوازون اچڻ شروع ٿينديون ۽ ماڻهو ان ۾ نماز ادا ڪري سگهندا. ان کان علاوه ترڪي جي اعليٰ عدليه مسجد جي بحالي واري فيصلي ۾ آيا صوفيه جي سلطان فاتح محمد ٽرسٽ جي ملڪيت قرار ڏيندي چيو هو ته 24 نومبر 1934ع جو حڪومتي فيصلو ملڪي قانون سان هڪ جهڙائي نٿو رکي ان فيصلي سان عمارت کي مسجد جي حيثيت ختم ڪري ان کي ميوزيم بنايو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔