ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا کان بچڻ لاءِ پهريون ڀيرو ماسڪ پائي ورتو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کان پوءِ آخرڪار پهريون ڀيرو عوام آڏو ماسڪ پهري ئي ورتو.ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن جي ويجهو والٽر ريڊ فوجي اسپتال جي دوري جي موقعي تي ماسڪ پهريو. هن زخمي سپاهين جي عيادت ڪئي ۽ طبي اهلڪارن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ماسڪ پائڻ بابت هن جو چوڻ هو ته مان ڪڏهن ماسڪ پائڻ جي خلاف نه رهيس پر ان سمجهان ٿو ته ان جي لاءِ صحيح وقت ۽ جڳهه هوندي آهي جڏهن اوهان اسپتال ۾ هجو ۽ تمام گهڻن ماڻهن سان ملندا هجو. جن مان ڪجهه هاڻ ڪورونا مان صحتياب ٿيا هجن ته اهڙي صورتحال ۾ ماسڪ پائڻ تمام سٺي ڳالهه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔