چين ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين جو سلسلو جاري

بيجنگ: چين جي ڏاکڻي ۽ اوڀرين علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن. صوبي سيمپوان ۾ برسات سبب روڊ ويهي رهيو.برساتن ۽ ٻوڏ سبب چين جا ڏاکڻيا ۽ اڀرندي وارا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن. صوبي سيچوان ۾ روڊ ويهي رهيا ۽ گاڏين جي اچ وڃ معطل ٿي وئي جنهن سبب ماڻهو پريشاني جو شڪار ٿيا. متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون به جاري آهن.صوبي اندر دريائن ۾ به پاڻي جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي. گذريل ڪجهه وقت دوران چين جي ان علائقن ۾ ٻوڏ لکين ايڪڙ علائقي تي بيٺل فصلون تباهه ۽ لينڊ سلائينڊنگ سبب ڪيتريون ئي عمارتون پٽ پئجي ويون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔