ٽڪ ٽاڪ ڊيليٽ ڪرڻ واري اي ميل غلطي سبب ڪئي وئي: ايمازون

لنڊن: آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايمازون پنهنجي ملازمن کي موبائل تان ٽڪ ٽاڪ ايپ هٽائڻ بابت اي ميل تي وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته هي اي ميل غلطي سبب ٿي وئي هئي.ايمازون هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي ملازمن کي اي ميل موڪلي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته سيڪيورٽي خدشن سبب هو پنهنجي ان موبائل ڊيواسئز تان وڊيو شيئرنگ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ کي 10 جولاءِ تائين هٽائي ڇڏين جن تي هو ڪمپني جو اي ميل اڪائونٽ استعمال ڪندا آهن.پر هاڻ ٽڪ ٽاڪ کي لاڳيتو ڊيسڪ ٽاپ تي استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر ايمازون هڪ ڏينهن بعد ئي پنهنجو بيان بدلائيندي ان کي غلطي سان موڪليل اي ميل قرار ڏنو آهي.برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايمازون جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملازمن کي هي اي ميل غلطي سبب موڪلي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔