اسلام آباد: حڪومت سرڪاري ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
خزاني جي وزارت موجب سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ پينشن 27 جولاءِ تي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايڊوانس پينشن جي ادائيگي جي منظوري ڏني وئي آهي.
خزاني جي وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن عيدالاضحيٰ 31 جولاءِ تي ٿي ته پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ڏني ويندي