مولانا فضل الرحمان جي آصف زرداري ۽ بلاول سان ملاقات

ڪراچي : اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات ۾ ٽنهي اڳواڻن ملڪ جِي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ پاران ملڪ جي سلامي ۽ بقا خاطر سياسي طور تي گڏ هلڻ تي اتفاق ڪيو. ٽنهي اڳواڻن 18 هين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته هن پهريان ئي چيو هو ته عمران خان حڪومت هلائڻ جي اهل ناهي، گذريل سال ماڪڙ جي حملن بابت پارليامينٽ ۾ حڪومت کي آگاهه ڪيو هو. آصف زرداري چيو ته حڪومت پنهنجي ضد ۽ انا جي ڪري ماڪڙ حملن بابت سندس خدشن کي سنجيده نه ورتو. ڪورونا وائرس جي بحران واري ڏينهن ۾ عمران خان جا نااهلي سامهون اچي وئي آهي. هن چيو ته عوام اميدن جي نظرن سان اپوزيشن جماعتن ڏي ڏسي رهيا آهن ته اهي سليڪٽيڊ حڪومت مان سندن جان ڇڏائين. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ٻه سال ٿي ويا آهن عمران خان عوام جي مفاد لاءِ ڪوبه ڪم ناهي ڪيو. جي يو آءِ اڳواڻ جو چوڻ هوته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪي معيشت کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔