ملڪ ۾ چونڊن کان اڳ ٻهارو ڦِرڻ وارو آهي،شيخ رشيد

اسلام آباد: ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته چيف جسٽس جي فيصلي کانپوءِ پاڪستان تبديل ٿيڻ وارو آهي، چونڊن کان اڳ سڀني تي ٻهارو اچڻ وارو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف منهنجي پارٽي جو ماڻهو آهي، جيئن چوندس، هو تيئن ڪندو، موجوده اپوزيشن ۾ ڪوبه دم نه آهي، وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، پهرين چئي ڇڏيو هو ته جولاءِ مهينو اهم آهي ۽ نيب کي ٽارزن جهڙا اختيار ملي ويندا، چيف جسٽس آف پاڪستان پاناما کان به وڏو فيصلو ڏنو آهي، ريلوي کاتي ۾ 50 سيڪڙو نوڪريون ملازم تنظيمون کڻي وينديون آهن، ٽرين جي سفر کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايم ايل ون ٽرين کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن نه ئي نه آهي، اُن مان ئي بُلٽ ٽرين ٺهي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔