طالبان جو پوليس هيڊ ڪوارٽر تي خودڪش حملو: ڇهه افغان اهلڪار مارجي ويا

ڪابل: پوليس هيڊ ڪوارٽر ۽ قندهار جي گورنر جي رهائشي عمارت تي طالبان جي خودڪش بم ڌماڪي جڏهن ته غزني ۾ ڪارروائي ۾ گڏيل طور تي 6 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب قندهار جي گورنر جي ترجمان بابر احمد احمدي ٻڌايو آهي ته طالبان حملي آورن ڌماڪي خير مواد سان ڀريل هڪ فوجي ٽرڪ گورنر هائوس ۽ افغان پوليس جي هيڊ ڪوارٽر ڏانهن کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان فائرنگ ڪري کين روڪڻ جي ڪوشش کان پوءِ خودڪش حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

قندهار جي ضلعي شاولي ۾ پيش آيل ان واقعي ۾ 3 افغان سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا ۽ 14 شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. جڏهن ته پوليس هيڊ ڪوارٽر ۽ گورنر جي رهائشي عمارت کي به سخت نقصان پهتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔