وزير اعظم عمران خان جي عوام کان عيد الاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان عوام کان اپيل ڪئي آهي ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهايو ۽ هن عيد تي اُها لاپرواهي نه ڪيو جيڪا عيد الفطر تي ڪئي هئي.

وزير اعظم عمران خان اِها ڳالهه نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) طرفان وبائي مرضن لاءِ بڻايل خاص آئسوليشن اسپتال جي افتتاح جي موقعي تي چئي.

وزير اعظم ان قدر مختصر ۽ ڏکئي وقت ۾ ان قسم جي جديد اسپتال جي اڏاوت تي اين ڊي ايم اي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

هن چيو ته اِها اسپتال اهڙي وقت ۾ تيار ڪئي وئي جڏهن لاڪ ڊائون هو، شيون آساني سان موجود نه هيون ۽ انتهائي نگهداشت يونٽس (آءِ سي يو) جهڙيون سهولتون، جنهن جي لاءِ خاص عملو گهربل هوندو آهي، ان سڀ جو بندوبست ڪيو ويو.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته اِها ملڪ لاءِ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي، جيڪڏهن سياسي طور تي مضبوط ارادو هجي ته اهڙا ڪم ڪري سگهجن ٿا.

ان موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي خاص پيغام ۾ وزير اعظم جو چوڻ هو ته عيد الاضحيٰ ايندڙ واري آهي آئون سڀني کي اپيل ٿو ڪيان ته هو اُهو نه ڪن جيڪو عيدالطفر جي موقعي تي ڪيو.

عيد الاضحيٰ جي آمد کي نظر ۾ رکندي وزير اعظم قوم جي نالي خاص پيغام ۾ عيد الطفر جي موقعي تي ڪيل بي احتياطين جو حوالو ڏيندي چيو ته هن عيد تي اُهو نه ڪيو جيڪو گذريل عيد تي ڪيو.

سندس چوڻ هو ته گذريل عيد تي اسان لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ان ڳالهه جو خيال نه رکيو ويو ته هي وائرس هڪ جاءِ تي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ سان اِهو وائرس تيزي سان  ڦهلجي رهيو آهي.

وزير اعظم زور ڏئي چيو ته جيڪڏهن اسان وڏي عيد تي لاپرواهي ڪئي ته خطرو آهي ته وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ دم پکڙجي وڃي ۽ اسپتالن تي ٻيه  دٻاءُ اچي ان ڪري آئون اپيل ٿو ڪيان ته عيد سادگي سان ملهائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔