ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ، نيپرا جو سڀاڻي کليل ڪچهري جو اعلان

ڪراچي: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي سڀاڻي (جمعي ڏينهن) کليل ڪچهري جو اعلان ڪري ڇڏيو.

گذريل مهيني ڪي اليڪٽرڪ فرنس آئل ۽ گيس جي فراهمي کي بهانوبڻائي شهر ۾ گرمي وڌندي ئي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان شهري بي حال ٿي ويا آهن.

شهرن طرفان اِها به شڪايت ڪئي وئي هئي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي معطل رهندي آهي ان جي باوجود وڌيڪ بل وصول ڪيا ويندا آهن.

ان صورتحال ۾ نيپرا اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي کليل ڪچهري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

نيپرا اختيارين موجب ڪورونا وبا جي ڪري ڪچهري ۾ شرڪت ڪندڙ زوم لنڪ تي اچي سگهن ٿا، ان کان سواءِ نيپرا جي ويب سائيٽ تي به ڏنل نمبر تي ڪال ڪري شرڪت ڪري سگهجي ٿي يا شهري نيپرا جي اي ميل به شڪايت ڪري سگهن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔