دنيا ۾ ڪرونا وگهي 5 لک 52 هزار 112 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا

نيويارڪ:دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي 5 لک 52 هزار 112 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، جڏهن ته متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ 21 لک 70 هزار 408 ٿي ويو آهي. امريڪا هن مهل تائين سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، جتي هڪ لک 34 هزار 862 فوتگيون ٿي چڪيون آهن ۽ متاثرن جو انگ 31 لک 58 هزار 932 آهي. برازيل ٻئين نمبر تي متاثر ملڪ آهي، جتي وائرس 68 هزار 55 حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ 17 لک 16 هزار 196 ٿي ويو آهي. برطانيا ۾ 44 هزار 517، اٽلي ۾ 34 هزار 914، روس ۾ 10 هزار 667، ايران ۾ 12 هزار 84، سعودي عرب ۾ 2 هزار 59، ترڪي ۾ 5 هزار 282، بنگلاديش ۾ 2 هزار 197 ۽ گڏيل عرب امارات ۾ 327 مريض حياتيون وڃائي چڪا آهن. سڄي دنيا ۾ 45 لک 49 هزار 108 مريض اسپتالن، قرنطينه مرڪزن ۾ علاج هيٺ ۽ گهرن اندر آئسوليشن ۾ آهن، جن مان 58 هزار 276 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته هيل تائين 70 لک 69 هزار 188 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔