سنڌ جي وڏي وزير پاران اٽي جو اگهه مستحڪم رکڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير خوراڪ کاتي کي صوبي ۾ اٽي جو اگهه مستحڪم رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ماني جي قيمت ڪنهن به صورت ۾ وڌڻ نه گهرجي، وفاقي حڪومت پنجاب جيان سنڌ کي به ڪڻڪ جاري ڪري ته جيئن اٽي جو اگهه مستحڪم رهي . وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ خوراڪ کاتي بابت ٿيل اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير هري رام، سيڪريتري خوراڪ ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران خوراڪ کاتي جي عملدارن وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ سان سنڌ ۾ به اگهه متاثر ٿي سگهي ٿو. وڏي وزير خوراڪ کاتي کي صوبي ۾ اٽي جو اگهه مستحڪم رکڻ جو حڪم ڏنو ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ماني جي قيمت ڪنهن به صورت ۾ وڌڻ نه گهرجي. وڏي وزير مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت پنجاب جيان سنڌ کي به ڪڻڪ جاري ڪري ته جيئن اٽي جو اگهه مستحڪم رهي …

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔