پنجاب حڪومت سموري سسٽم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور : لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد قاسم خان ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي عدالتي اختيار ڏيڻ تي پنجاب حڪومت مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته پنجاب حڪومت سموري سسٽم جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس محمد قاسم خان جي سربراهيءَ ۾ عدالت جي فاضل بئنچ پنجاب حڪومت طرفان صوبي جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي عدالتي اختيار ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آئين تحت عدليه ۽ انتظاميا جا پنهنجا ڌار ڌار اختيار آهن پر پنجاب حڪومت نوٽيفڪيشن ذريعي ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏنا آهن، جيڪا آئيني ڀڃڪڙي آهي. چيف جسٽس، ڪمشنرز ۽ ڊي سيز کي عدالتي اختيار ڏيڻ تي پنجاب حڪومت مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پنجاب حڪومت عدالتن ۾ تماشائي بڻائي ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومت سڄي سسٽم جو ئي ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پنجاب حڪومت کي عدالتي اختيارن جو وڏو شوق آهي، جن اٿارٽيز نوٽيفڪيشن جاري ۽ منظور ڪيو، انهن خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪنداسين…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔