رينٽل پاور جي ٽئين ريفرنس ۾ راجا پرويز اشرف جي بريت واري درخواست رد

اسلام آباد : اسلام آباد جي عدالت رينٽل پاور جي ٽئين ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت 10 جوابدارن جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير نئون ديرو ٽو رينٽل پاور ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين جوابدارن جي بريت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت، جوابدارن جي بريت واري درخواست رد ڪندي سندن خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. جوابدارن نيب آرڊيننس تحت بريت لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. احتساب عدالت ان کان اڳ ٻن ريفرنس ۾ راجا پرويز اشرف کي بري ڪري چڪي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔