فواد چوڌري پاران عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جَي آءِ ٽيز معاملي تي سپريم ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل

اسلام آباد : وفاقي وزير فواد چوڌري به عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جِي، جي آءِ ٽيز معاملي تي سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پيپلزپارٽي وارا عزير بلوچ ۽ نثار مورائي کي سڃاڻڻ کان انڪاري آهن پر سندن اهو موقف ڪمزور آهي. هن چيو ته وفاقي وزير علي زيدي نه رڳو سنجيده سوال اٿاريا آهن پر ثبوت طور جي آءِ ٽيز به پيش ڪيون آهن. فواد چوڌري چيو ته سياسي پارٽين کي ڏوهن کان پاڪ ڪرڻ ضروري آهي، هاڻي عدليه جو فرض آهي ته ان معاملي تي نوٽيس ورتو وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن علي زيدي سنڌ حڪومت تي الزام هنيو هو ته ان عزير بلوچ بابت اڻپوري جي آءِ ٽي پيش ڪئي، اهڙن الزامن کي سنڌ حڪومت رد ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔