دنيا ۾ ڪرونا سبب 6 هزار کان وڌيڪ فوتگيون، هڪ لک کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر

نيويارڪ : دنيا ۾ ڪرونا جون تباهڪاريون جاري آهن،24 ڪلاڪن دوران هڪ لک کان وڌيڪ نوان ڪيس ۽ 6 هزار کان وڌيڪ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن،جڏهن ته وبا کي زڪام قرار ڏيندڙ برزايل جو صدر به ڪرونا وائرس ۾ وٺجي ويو آهي. قاتل وائرس آمريڪا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، مسلسل هڪ هفتي کان اُتي 50 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن. هيل تائين آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 33 هزار 29 هزار 9 سئو 72 ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته 30 لک 97 هزار کان وڌيڪ هن وائرس ۾ ورتل آهن. برازيل ۾ به ڪرونا تيزي سان پير کوڙي رهيو آهي، اتي هڪ ڏينهن ۾ 48 هزار نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪرونا وائرس کي زڪام قرار ڏيندڙ برزايل جي صدر جي ٽيسٽ به پازيٽو اچي وئي آهي. برزايل ۾ ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 66 هزار 8 سئو 68 تي پهچي ويو آهي، اتي 16 لک 74 هزار 655 ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. ميڪسيڪو ۾ به ڪجهه ڏينهن جي ٺاپر بعد ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ ۽ فوتگيون وڌي رهيون آهن، رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران ميڪسيڪو ۾ 8 سئو 95 فوتگيون ۽ 6 هزار 258 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. روس ۾ 6 لک 94 هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اُتي 20 هزار 653 فوتگيون ٿيون آهن، ڀارت ۾ 7 لک 43 هزار کان وڌيڪ ماڻهو وائرس ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته 20 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔