وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي توڙي معاشي صورتحال سميت 10 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي منجهند جو 12 هين وڳي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ اڪثر وزير وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا. ڪابينا کي پائليٽس جي شڪي لائسنس تي بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته ايف اي ٽي ايف بابت ڪمپنيز ايڪٽ 2017 ۽ محدود ڀائيواري ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميم جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي. اجلاس ۾ سيڪٽر ٻارنهن ايف ۽ سيڪٽر جِي ٻارنهن جي زمين فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، جڏهن ته ڪابينا شهري سيد محمد شارڪ رضا کي پاڪستان کان برطانيه حوالي ڪرڻ جي درخواست جو به جائزو ورتو ويندو. ڪابينا سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جَي ذيلي اداري ايس ٽي اي، ڊي اي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ٽن ڊائريڪٽرز جي مقرري جي به منظوري ڏيڻ ايجنڊا ۾ سامل آهي. قانون واري وزارت جي منظوري کانسواءِ ايف بي آر وڪيلن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي تجويز به اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔