پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتيون: شاهد خاقان مٿان ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي :ڪراچي جي احتساب عدالت پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين کي ريفرنس جي ڪاپي فراهم ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان، نيب موجب شاهد خاقان عباسي پيٽروليم واري وزير جي حيثيت سان غير قانوني طور عمران الحق کي ايم ڊي، پي ايس او مقرر ڪيو. احتساب عدالت ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل ۾ غير قانوني ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ پيٽروليم وارو اڳوڻو سيڪريٽري پيش ٿيا. عدالت شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين کي ريفرنس جي نقل جون ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي. شاهد خاقان عباسي تي پيٽروليم واري وزير طور پي ايس او ۾ غير قانوني طور تي عمران الحق کي ايم ڊي مقرر ڪرڻ جو الزام آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پيٽرول بحران سان سڄي ملڪ جو عوام پريشان ٿيو ۽ مافيا فائدو کنيو. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته بدترين جمهوريت آمريت کان بهتر هوندي آهي، اڄ ملڪ نه هلي رهيو آهي، حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔