سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ جاري

ڪراچي : سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ اچي وئي آهي ۽ طبي عملي جي متاثر ٿيڻ جا ڪيس به ڌڙا ڌڙ سامهون اچي رهيا آهن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ به ڪرونا وائرس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي، ڏاهلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن سان تعلق رکندڙ27 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، مريضن جو انگ وڌي 36 ٿي ويوآهي. ننگرپارڪر ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 18ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن سان تعلقي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 27 ٿي ويوآهي. ٿر پارڪر جي شهر ڇاڇرو ۾ به ڪرونا وائرس جا 6 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ متاثرن جو انگ 19 ٿي ويوآهي. ڪوٽڙي ۾ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، انگ وڌي 681 ٿي ويو. جاتي ۾ به ٻيهر ڪرونا وائرس پهچي ويوآهي، ايم ايس سميت وڌيڪ 9 ڄڻن جي رپورٽ پازيٽو اچي وئي، متاثرن ۾ايم ايس ڊاڪٽر عمر ميمڻ سميت ٽائون ڪميٽي ۽ تعلقي اسپتال جا ٻيا ملازم به شامل آهن، 20 ڏينهن جي وقفي بعد 9 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ جاتي تعلقي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو. ٻئي پاسي ميرپورخاص ۾ ڪرونا ڪيس وڌڻ سبب سول اسپتال جي گائني ۽ ٻارن جي وارڊز کي بند ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرز ۽ ٻئي عملي ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ ٻئي وارڊز 72 ڪلاڪن لاءِ بند ڪيا وياآهن، بند ڪيل وارڊز جي ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل عملي کي ايمرجنسي وارڊ ۾ڊيوٽي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔