پ پ اڳواڻ آيت الله دراني جي مستونگ ويجهو آلين اکين سان تدفين

مستونگ: گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آيت الله دراني جي مستونگ ويجهو تدفين ڪئي وئي. اڳوڻي وفاقي وزير آيت الله دراني جي جنازي نماز مستونگ ويجهو پڙنگ واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پيپلزپارٽي بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ، صادق عمراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آيت الله دراني جي تدفين پڙنگ آباد جي اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي، جنهن بعد پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. آيت الله دراني گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي اسپتال ۾ لاڏڻو ڪري ويو هو…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔