سنڌ ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو طرفان بدترين لوڊشيڊنگ جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو طرفان بدترين لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي، 8 کان 12 ڪلاڪن تائين ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئن عذاب ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن طرفان بدترين لودشيڊنگ خلاف مظاهرو، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس ٻاهران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته بجليءَ پيدا ڪرڻ لاءِ گهرجون پوريون ڪرڻ باوجود ڪي اليڪٽرڪ شهرين کي بجلي مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، وفاقي سرڪار معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار مان جان ڇڏائي، دادو ۾ 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهري رستن تي نڪري آيا، هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سب ڊويزن ون جي ايس او ڊي خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔