ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب ڇَتيون ۽ ڀِتيون ڪِرڻ ڪري 14 ڄڻا زخمي

اسلام آباد: چوماسي جي برساتن ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. پنڊي، ڀٽيان ۽ ريناله خورد ۾ ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته برنائي ۾ برسات سبب سروئي بند ٽٽي ويو جنهن سبب ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

پنجاب جي ضلعي حافظ آباد جي تعلقي پنڊي بهٽيان ۾ ڀتون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب 8 ڄڻا جڏهن ته ريناله خورد ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هرنائي ۾ تيز طوفاني برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي. سروئي ۾ حفاظتي بند ٽٽڻ سبب پاڻي شهر جي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو. ٻوڏ وهڪري سبب مياني آباد، اختر آباد ۽ جلال آباد ۾ دڪانن کي سخت نقصان پهتو آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ به اتر اوڀر بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جا امڪان آهن.

هيٺاهين سنڌ، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برساتن جو امڪان آهي.

سنڌ صوبي جي سامونڊي ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهڻ کان علاوه ڪراچي، ٺٽو، بدين، ميرپورخاص، اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر، ننگرپارڪر ۽ مٺي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي.

پنجاب جي ضلعن راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، چڪوال، مري، سرگودها، ميانوالي، منڊي بهاءُالدين، سيالڪوٽ، نارووال، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گوجرانوالا، ساهيوال، ملتان، ڊي جي خان، ليه، بهکر، بهاولپور ۽ بهاولنگر ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهندو. جڏهن ته چترال، دير، بونير، سوات، شانگله، ڪوهستان، هريپور، مانسهره، ايبٽ آباد، پشاور، بنون، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان، ڪرم ۽ ڪوهاٽ ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته زوب، بارکهان، خضدار، لورالائي، موسيٰ خيل، برنائي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔