پَب جـِي گيم خلاف درخواست تي پي ٽي اي کي فيصلو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پَب جـِي گيم خلاف درخواست پي ٽي اي کي موڪليندي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ پـَب جي گيم جي معطلي خلاف شهري عبدالحسيب ناصر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس عامر فاروق، پي ٽي اَي وڪيل کان سوال ڪيو ته هي ڇا آهي، گيم آهي يا ويب سائيٽ، جنهن تي وڪيل چيو ته هي هڪ لنڪ آهي، جنهن کي پي ٽي اي عارضي طور معطل ڪيو آهي. جسٽس عامر فاروق ٻيهر سوال ڪيو ته ڪهڙو ڪارڻ آهي جو اوهان معطل ڪيو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ وڪيل ٻڌايو ته لاهور پوليس پب جي گيم خلاف هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ آپگهات جي واقعن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه والدين پاران به اسان کي گيم بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته پي ٽي اي کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، قانون موجب ڪري، پابندي لڳائڻي آهي ته لکيو وڃي ته هن قانون تحت پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، قانون کي نظر ۾ رکندي درخواست تي لکت ۾ فيصلو ڪيو وڃي. عدالت معاملو پي ٽي اي کي موڪليندي درخواست اڪلائي ڇڏي، پي ٽي اي 8 جولاءِ تي درخواستگذار کي ٻڌي فيصلو ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔