ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 50 ڄڻا فوت، هزار 344 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 هزار 762 ٿي ويو آهي، وڌيڪ 3 هزار 344 ماڻهن کي وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد مريضن جو انگ وڌي 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتگين ۽ ڪيسز ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 50 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 4 هزار 762 ٿي ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 3 هزار 344 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد مريضن جو انگ وڌي 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو آهي. ڪرونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ سان گڏوگڏ مريضن جي صحتياب ٿيڻ جو سلسلو به جاري آهي، ملڪ ۾ هيل تائين هڪ لک 31 هزار 649 ماڻهو وبا کي شڪست ڏئي ٺيڪ ٿي ويا. سنڌ ۾ ڪرونا وگهي 15 سئو 26 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 94 هزار 528 ڪرونا جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 18 سئو 84 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، ڪرونا سبب متاثرن جو انگ وڌي 81 هزار 963 ٿي ويو. خيبر پختونخواه ۾ ڪرونا وگهي فوت ٿيل ماڻهن جو انگ هڪ هزار 28 ٿي ويو، 28 هزار 116 ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ 173، بلوچستان ۾ 123، گلگت بلتستان ۾ 28 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 36 ماڻهو ڪرونا وائرس سبب حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔