سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات ،گرميءَ جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي :سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات کانپوءِ گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، ٺل، روهڙي، ڳڙهي ياسين، کڏڙو، ميرپور ٻرڙو، ڳڙهي حسن، همايون شريف، خانواهڻ ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوا سان برسات کانپوءِ بجليءَ ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول، انتظاميا طرفان نالن جي صفائي نه ڪرائڻ سبب رستن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو، شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ لوڪل گورنمينٽ کاتي جي پت وائکي، شهرين دانهيو آهي ته ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ نالن جي صفائي نه ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔