ملڪ ۾ ڪورونا وڌيڪ 17 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، 801 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد :ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا اڄ وڌيڪ 17 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، 801 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 4 هزار 762 ٿي ويو، متاثرن جو انگ 2 لک 31 هزار 818 ٿي ويو، سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 94 هزار 528، پنجاب ۾ 81 هزار 963، خيبرپختونخواهه ۾ 28 هزار 116، بلوچستان ۾ 10 هزار 814، گلگت بلتستان ۾ 1561 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 1342 ٿي ويو، هڪ لک 31 هزار 649 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔