زندگي مختصر آهي، جهيڙن ۾ ناهيان گذاريندي: نيلم منير

لاهور: پاڪستان جي نالي واري اداڪاره نيلم منير چيو آهي ته زندگي تمام گهڻي مختصر آهي ان لاءِ ان کي جهيڙن ۽ مختلف پريشانين ۾ نٿي گذاري سگهان.
نيلم منير مداحن سان آن لائن سيشن ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏٺو آهي ته هو پنهنجن مائٽن ۽ دوستن سان ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪاوڙجي پوندا آهن ۽ پوءِ انهن سان رشتن کي ئي ختم ڪري ڇڏيندا آهن جنهن کي مان سٺو نٿي سمجهان.
هن چيو ته اسان کي هڪ ٻئي جي غلطين کي معاف ڪرڻ گهرجي. مايوسي ۽ نااميدي کي پنهنجي دماغ ۽ دل ۾ جڳهه نه ٺاهڻ ڏيو ڇو ته ان سان انساني حوصلا ختم ٿي ويندا آهن.هن وڌيڪ چيو ته زندگي جيتري به آهي ان کي خوشگوار طريقي سان گذاريو ۽ پنهنجن دوستن مائٽن سان سٺو سلوڪ رکو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔