ايس بي پي اسڪيم تحت 1.83 ملين کان وڌيڪ ملازمن جي روزگار کي بچايو ويو

ڪراچي: ڪورونا وائرس جي وبا ظاهر ٿيڻ دوران ملازمت جي حفاظت لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي اسڪيم تحت 11 لک ، 83 هزار ، 242 ملازمن جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.
ايس بي پي ڪرونا وائرس جي ڪري پيدا ٿيل معاشي مصيبت ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسڪيم متعارف ڪرائي آهي.منصوبي تحت هر قسم ڪاروبار جي ملازمن کي پگهارون ادا ڪرڻ لاءِ سستا قرض حاصل ڪري سگھجن ٿا.
اسڪيم تحت اهي ڪمپنيون جن اپريل 2020 ۽ جون 2020 جي وچ ۾ پنهنجي ملازمن کي برطرف نه ڪرڻ وارن ڪمپنيز جي ملازمن جي ٽن مهينن جي پگهار لاءِ 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿيون.
فعال ٽيڪس ڏيندڙن جي لسٽ ۾ شامل ادارن کي 4 سيڪڙو جي شرح سان قرض جي سهولت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔