فيس بڪ لاگ اِن جا تفصيل چوري ڪندڙ 25 ايپس تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

لنڊن: دنيا جي سڀ کان وڏي سرچ انجن گوگل سماجي رابطن جي ويب سائٽ فيس بڪ جا لاگ اِن تفصيل چوري ڪرڻ تي 25 موبائل ايپس تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
تفصيلن موجب انهن ايپس کي پلي اسٽور تان هٽايو ويو آهي ۽ ان کان اڳ فيبروري ۾ به گوگل 600 ايپس تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.
سائبر سيڪيورٽي فرم ايوينا طرفان گوگل کي الرٽ جاري ڪيو ويو جنهن کان پوءِ گوگل پلي اسٽور تان اينڊرائڊ ايپس کي فوري طور تي هٽايو ويو. ايپس ۾ اهڙو سسٽم موجود هو جيڪو صارف جي استعمال هيٺ فون استعمال ڪرڻ تي فيس بڪ لاگ ان جي تفصيلن کي رڪارڊ ڪري وٺندو هو.رپورٽ موجب ايس پي 20 لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو هو. جن ايپس کي گوگل پنهنجي پلي اسٽور تان هٽايو ان مان ڪجهه تصويرون ايڊيٽنگ، وڊيو ايڊيٽنگ، وال پيپر، تاچ لائٽ ايپليڪيشن، فائل مئنيجر ۽ موبائل گيمز شامل هئا. ان مان سپروال پيپرز ٽارچ ۽ پيڊينيف اها واحد ايپس هئي جيڪا پنج لک ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو هو ان ايپس ۾ اهڙا ڪوڊ شامل هئا جن جي مدد سان اها ڄاڻ وٺي سگهجي پئي ته ڪهڙي ايپ کليل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔