سنڌ سرڪار پاران ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي مخالفت

ڪراچي : سنڌ سرڪار اي سي سي طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجلي 2 رُپيا 89 پئسا مهانگي ڪرڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا بجلي مهانگي ڪئي وئي، وفاقي سرڪار هر مهيني سنڌ جي عوام تي مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي کين لُٽي رهي آهي، ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بدران بجلي ڇو مهانگي ڪئي وئي آهي؟ اسماعيل راهو ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ بجليءَ جا وڌايل اگهه واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔