وفاقي حڪومت ماڪڙ مان ڀاڻ ٺاهڻ جو منصوبو تيارڪري ورتو

اسلام آباد :وفاقي حڪومت ماڪڙ مان ڀاڻ ٺاهڻ جو منصوبو تيار ڪندي ابتدائي تجربو ٿر ۽ چولستان ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وفاقي حڪومت چيو آهي ته هڪ لک ٽن ماڪڙ مان 70 هزار ٽن ڀاڻ تيار ٿي سگهي ٿو، ماڪڙ جي مارڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي پئسا ڏنا ويندا، جڏهن ته وفاقي حڪومت چيو آهي ته مون سون ۾ ڀارت جي راجستان واري علائقي کان ماڪڙ واپس ٿر ۽ چولستان جي علائقي ۾ داخل ٿيندي، فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير سيد فخر امام ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو آهي ته ڀارت جي 10 رياستن ۾ ماڪڙ حملا ڪيا، بلوچستان ۽ ايران ۾ ماڪڙ موجود آهي، بلوچستان ۾ جهاز ذريعي ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اسپري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته نسبتن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ماڪڙ جي حملن سان گهٽ نقصان ٿيو آهي، 32 ضلعن ۾ 966 گڏيل ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، 9 ڪروڙ 53 لک ايڪڙن تي سروي ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پاڪستان آرمي جا 5 هيليڪاپٽر استعمال ڪيا پيا وڃن، 5 جهاز ڪرائي تي ورتا ويندا، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 20 جهاز استعمال ڪيا ويندا، اين ڊي ايم اي 11 جهاز حاصل ڪرڻ جا آرڊر ڏئي رهي آهي، هڪ مقامي ڪمپني مائيڪرو اسپري سستي قيمت تي ٺاهي آهي، هن چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي تعاون سان ماڪڙ جي خاتمي جي حوالي سان منصوبي جي پي سي ون تيار ٿي چڪي آهي جيڪا سي ڊي ڊبليو پي جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ٿيندي، هن چيو ته ليفس نالي هي پهريون وفاقي زرعي منصوبو آهي، جنهن لاءِ مختلف ادارا مدد ڪري رهيا آهن، ان منصوبي جي مجموعي لاڳت 20 ڪروڙ ڊالر آهي، ان منصوبي جا 4 اهم جزا آهن، جنهن ۾ ماڪڙ جي واڌ ۽ ڦهلاءَ کي روڪڻ، ان جي نگراني ۽ ڪنٽرول، انساني صحت ۽ ماحول تي پوندڙ اثرن کي ختم ڪرڻ، ٻيو جزو هارين ۽ مال وندن کي رليف ڏيڻ آهي، ايران کان بلوچستان ۾ ماڪڙ جي حملن جو خطرو آهي، هن چيو ته ماڪڙ جي خاتمي لاءِ مقامي آبادي جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون، مقامي آبادي پاران ماريل ماڪڙ کي گڏ ڪري ان کي بائيو ڪمپوسٽ ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان مان معياري ڀاڻ ٺاهيو ويندو، ان جو ابتداعي تجربو چولستان ۽ ٿر ۾ ڪيو ويندو، اگر هن منصوبي تحت فصلن کي هڪ سيڪڙو نقصان کان بچايو وڃي ته ان سان 32 ارب جو فائدو ٿيندو، 1 لک ٽن ماڪڙ مان 70 هزار ٽن ڀاڻ تيار ٿي سگهي ٿو، هن منصوبي تحت هر ماڻهو ماهوار 6 هزار ڪمائي سگهي ٿو، ادائگي به مناسب طريقي سان ٿيندي، اهو منصوبو منظوري جي مرحلي ۾ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔