دعا منگي جي والد ڌيءُ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 25 لک رُپيا ڀُنگ ڀريو

ڪراچي : دعا منگي جي والد ڌيءُ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ 25 لک رُپيا ڀُنگ ڀريو، جوابدار دعا منگي کي اغوا ڪرڻ بعد ڀُنگ لاءِ اٽلي جو نمبر استعمال ڪري رهيا هئا، ڪراچي پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دعا منگي اغوا ڪيس جو چالان پيش ڪري ڇڏيو، پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته دعا منگي کي ڪلفٽن ۾ واقع فليٽ اندر زنجيرن سان ٻڌي مغوي بڻايو ويو هو، جوابدارن جاچ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته بسمه کي به ساڳئي فليٽ ۾ مغوي بڻائي رکيو ويو، ڪيس ۾ مظفر عرف موذي، زوهيب قريشي ۽ محمد طارق عرف شڪيل سوڌو 5 جوابدار نامزد ٿيل، عدالت دعا منگي اغوا ڪيس جو چالان منظور ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔