جيڪڏهن فيصل واوڊا نااهل نه ٿيو ته اهم وزارتن کي تباهه ڪندو رهندو:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته فيصل واوڊا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت جو حامل هو ته قانون جي حوالي سان هو نااهل ٿيندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهاائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن فيصل واوڊا نااهل نه ٿيو ته هو آبي وسيلن جهڙي اهم وزارتن کي تباهه ڪندو رهندو. هن چيو ته فيصل واوڊا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت حامل هو ته قانون جي حوالي سان هو نااهل ٿيندو. منهنجي زال سعديه عباسي کي ٻٽي شهريت تي هڪ ئي ڏينهن ۾ نااهل ڪيو ويو کيس اپيل جو حق به نه ڏنو ويو هو. ياد رهي ته وفاقي وزير فيصل واوڊا ٻٽي شهريت لڪائڻ تي نااهل قرار ڏيڻ جي پٽيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بڌڻي هيٺ آهي. درخواست ڏيندڙ موجب فيصل واوڊا 11 جون تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جنهن کي رٽرننگ آفيسر 18 جون تي منظور ڪيو جڏهن ته آمريڪي شهريت ختم ڪرڻ جي درخواست 22 جون تي جمع ڪرائي وئي. درخواست موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا آمريڪي شهريت رکندو هو جنهن کي هن ڄاڻي واڻي لڪايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔