اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جي شروعات

اسلام آباد: اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ندي نالن ۽ وڏن شهرن ۾ اربن فلڊنگ جو امڪان آهي.

جڏهن ته ان دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان آهي. گرمي جي ستايل شهريل لاءِ سٺي خبر اها آهي ته جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي اڪٿر علائقن ۾  چوماسي جي برساتن جي شروعات ٿي چڪي آهي. برسات پوڻ سبب جاڙن شهرن جو موسم خوشگوار ٿي ويو.

موسميات کاتي موجب چوماسي جي برساتن واريون هوائون هاڻ شدت سان ملڪ جي مٿانهين ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته اڄ ڇنڇر تي چوماسي جي هوائن جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو. موسميات کاتي جي ترجمان راشد بلال جو چوڻ آهي ته اڄ کان اڱاري تائين ڪشمير، گلگت بلتستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ طوفان ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

ان عرصي دوران موجوده گرم ۽ وچولي موسمي صورتحال جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب  بلوچستان جي اوڀرين علائقن خاص طور تي زوب، بارکهان، لورالائي، موسيٰ خيل، سبي ۽ ڪوهلو جڏهن ته سنڌ جي ڪجهه علائقن سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ۾ به ڇنڇر کان سومر جي دوران کنوڻ سان  گڏ برسات جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔