ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم، ايندڙهفتي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم رهندي ،موسميات کاتي ايندڙ هفتي کان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي شهر ۾ اڄ گرمي جو درجو 36 کان 38 سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ موسم گرم رهندي.

شهر۾ اڄ ڏکڻ اولهه جي پاسي کان هوائن جي رفتار26 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي جڏهن ته هوا ۾ گهِم جو تناسب 60 سيڪڙو آهي.

موسميات کاتي موجب ايندڙ هفتي چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو.

موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته 6 کان 8 جولاءِ تي وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي ، جڏهن ته هلندڙ سال معمول کان 10 ڀيرا وڌيڪ برساتون پونديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔