وزيراعظم جي ساک سئو سيڪڙو ختم ٿي چڪي آهي: خواجه آصف

اسلام آباد :مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته مائنس عمران خان جو مطالبو غير جمهوري نه آهي.

پرڏيهي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ خواجه آصف جو چوڻ هو ته سمهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي ساک سئو سيڪڙو ختم ٿي چڪي آهي. وزيراعظم پاڻ هڪ به واعدو نه پاڙي سگھيو جيڪي اقدار ۾ اچي هن ورجايا. عمران خان جي موجودگي ۾ پارليامينٽ مفلوج بڻجي وئي آهي. حڪومت جي تبديلي جو طريقيڪار حالتون پاڻ بڻائي ڇڏينديون آهن. انسان جدوجد ضرور ڪري پر جيڪي به طريقا هئڻ گھرجن اهي آئيني هجن. اسان ڪڏهن به غير آئيني طريقي جي حمايت نه ڪنداسين. اسان چاهيون ٿا ته هتي جمهوري معاشرو هٿي وٺي. جمهوري طريقي سان اسان جي حڪومت وڃي ته ڀلي وڃي، جمهوري طريقي سان اسان حڪومت ۾ اچي ويندا آهيون، جمهوري معاشري لاءِ بنيادي ڳالهه اها آهي ته حڪومت جي اچڻ وڃڻ جو فيصلو آئين ڪري، غير قانوني طريقو نه.

هن چيو ته مائينس عمران خان جو مطالبو غير جمهوري مطالبو نه آهي. اسان ڪنهن به ٻاهرين قوت کي هٽائڻ جو مطالبو ناهيون ڪري رهيا پر تحريڪ انصاف کي چئي رهيا آهيون ته جمهوريت جي بالادستي ۽ حالتن ۾ بهتري لاءِ عمران خان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو ليڊر چونڊيو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن جمهوريت جو تلسلسل گھرجي يا موجوده حالتن مان رڪوري گھرجي ته مائنس ون هجڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته گذريل 2 ورهين دوران پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جماعتن جي ڪارڪردگي وڏي اثرائتي رهي آهي. هن بجيٽ ۾ ن ليگ جي 47 ميمبرن ڳالهايو آهي. 29 بيماري، ڪورونا يا مختلف سبب سبب غير حاضر رهيا. ايوان ۾ اسان جو انگ 150 جي ويجهو موجود رهيو. اسان کي ماڻهو ڳولڻا نه پيا جيئن حڪومت ڪورونا مان جيڪي ماڻهو رڪور ڪري رهيا هئا انهن کي به آندو. اسان جي ٻن ورهين جي ڪارڪردگي سٺي هجڻ جو سڀ کان وڏو ثبوت اهو آهي ته وزيراعظم ايوان ۾ اچڻ کان ڊڄندو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔