جي آءِ ٽيز ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جا نالا شامل آهن:علي زيدي

ڪراچي : وفاقي زوير علي زيدي چيو آهي ته نثار مورائي ۽ عذير بلوچ بابت جي آءِ ٽيز ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر، شرجيل ميمڻ، قادر پٽيل ۽ ٻين پ پ اڳواڻن جا نالا آهن. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو آهي ته مون وٽ جي آءِ ٽيز جون ڪاپيز آهن، تڏهن ته اسيمبلي جي فلور تي پ پ قيادت جا نالا ورتا هئا. وفاقي وزير چيو آهي ته سنڌ سرڪار طرفان جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ جو اعلان منهنجي ڪاميابي آهي، مرتضيٰ وهاب ڪير ٿيندو آهي استيعفيٰ جو مطالبو ڪرڻ وارو، مرتضيٰ وهاب غلط بياني ڪرڻ بدران سچ ڳالهائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔