سنڌ حڪومت پاران نثار مورائي سميت 3 جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي :سنڌ حڪومت لياري گينگوار جي مک ڪردار عذير بلوچ، بلديه سانحي ۽ نثار مورائي بابت جي آءِ ٽيز پڌريون ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٽئي جي آءِ ٽيز سومر تي گهرو وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود هونديون، پريس ڪانفرنس دوران مرتضيٰ وهاب وفاقي وزير علي زيدي کان آصف زرداري ۽ پ پ قيادت بابت ڳالهايل جملن تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته علي زيدي رپورٽس پڙهڻ کانسواءِ تبصرا ڪيا، عذير بلوچ سان جن جا رابطا آهن، انهن کان به جاچ ڪئي وڃي، هُن چيو ته سنڌ حڪومت جي آءِ ٽيز کي منظرعام تي آڻي رهي آهي، ٽئي جي آَءِ ٽيز سومر ڏينهن گهرو کاتي جي ويب سائيٽ تي موجود هونديون، علي زيدي کي چئلينج ڪريان ٿو ته جي آءِ ٽيز ۾ آصف زرداري جو نالو ڏيکاري، علي زيدي جنهن کاتي جو وزير آهي،اتي ذميواريون نه ٿو نڀائي، علي زيدي کي پي آءِ اي معاملي ۾ مداخلت جو اختيار ناهي، وفاقي حڪومت ڪنفيوزن جو شڪار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔