ڪورونا وبا: سلامتي ڪائونسل ۾ هٿياربند تڪرار روڪڻ جو ٺهراءُ منظور

نيو يارڪ : گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ان ٺهراءَ کي گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا وبا سبب پيدا ٿيل عالمي بحران دوران هٿياربند تڪرارن جو سلسلو روڪيو وڃي. ان ٺهراءَ جي متن تي آمريڪا ۽ چين ۾ تڪرار هلندو پئي آيو ته ان ۾ صحت جي عالمي اداري جو ذڪر شامل ڪيو وڃي يا نه.. 3 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري بحث مباحثي کانپوءِ سلامتي ڪائونسل نيٺ اهو ٺهراءُ جرمني جي سربراهي ۾ منظوري ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔