ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي:اسد عمر

اسلام آباد: رٿابندي واري وفاقي وزير  ۽ ڪمانڊ ۽ آپريشن سينٽر جي سربراه اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز تي عمل بهتر ٿيڻ سان ڪورونا جي صورتحال به بهتر ٿي رهي آهي ،جنهن سان ملڪ جي اسپتالن ۾ مريضن جي انگ ۽آڪسيجن جي ضرورت واري مريضن جو انگ جون جي ڀيٽ ۾ گهٽجي رهيوآهي.    

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ۾ اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد بابت هر هفتي جائزو ورتو ويندو آهي ، جون جي وچ ڌاري 20شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي پر جون جي وچ ڌاري واري صورتحال کان هن وقت اسپتالن جي صورتحال مختلف آهي .

هن چيو ته جيڪڏهن حالتون مناسب رهيون ته جولاءِ جي آخر ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 4 لکن تائين ئي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔