مشهور بالي ووڊ ڪوريوگرافر سروج خان لاڏاڻو ڪري وئي

ممبئي : باليووڊ فلم انڊسٽري جي مشهور ڪوريوگرافر سروج خان ممبئي ۾ فوت ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب سروج خان جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس ڌيءَ سڪينا خان ڪئي. 72 سالن جي سروج خان شوگر ۽ دل جي عارضي ۾ ورتل هئي، هن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ هڪ چائلڊ اسٽار جي حيثيت سان قدم رکيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪيريئر جي شروعات ٿي وئي. سروج خان باليووڊ جي مشهور ناچڻين سري ديوي ۽ ماڌوري سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي گانن تي رقص جون هدايتون ڏنيون. سروج خان سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ديوداس جي گاني ڊولاري، فلم تيزاب ۾ ماڌوري ڊڪشٽ جي گاني ايڪ دو تين، مسٽر انڊيا ۾ گاني هوائي هوائي سميت ڪيترن ئي گانن جي ڪوريوگرافي ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔