ملير جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي:ڊپٽي ڪمشنر ملير جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، ان متعلق نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ڊي ايڇ او ملير جي تجويزن تي لڳايو ويو آهي، لاڪ ڊائون گلشن حديد جي يوسي 6 فيز ون ۽ ٽو ۾ لاڳو رهندو.

نوٽيفڪيشن موجب گلشن حديد فيز ون ۽ ٽو جا رستا پنجنن ڏينهن تائين مڪمل طور تي سيل رهندا ، سمارت لاڪ ڊائون جي شروعات اڄ ٿيندي ۽ 7 جولاءِ تائين لاڪ ڊائون جاري رهندو

نوٽيفڪيشن موجب سمارٽ لاڪ ڊائون دوران کاڌي پيتي جا دڪان ۽ دوائن جا اسٽور کليل رهندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔