چَمٽيَ تي ڳائي شهرت ماڻيندڙ لوڪ فنڪارعالم لوهار جي ورسي

چَمٽيَ تي خوبصورت ڌنون وڄائي پنهنجي لازوال آواز جي جادو سان ماڻهن کي موهيندڙ لوڪ فنڪار عالم لوهار جي اڄ 41 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

هي ناليوارو لوڪ فنڪار گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آڇ گوڇ ۾ پهرين مارچ 1928 ع تي ڄائو ۽ ننڍڙي عمر ۾ گلوڪاري جو شوق پيدا ٿيس ۽ هن فيلڊ ۾ اچي ويو

ڳائڻ دوران چَمٽو عالم لوهار جي هڪ الڳ سڃاڻ بڻجي ويو ، هو ڳائڻ دوران لئي کي برقرار رکڻ لاءِ چمٽي جو استعمال ڪندو هو

هير ۽  وارث شاهه جي ڪلام عارف لوهار کي وڌيڪ ماڻهن ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو

عالم لوهار جگني ڳائي شهرت جي نئين بلندين کي ڇُهي ورتو ، هن جي ڳايل جگني ايتري مشهور ٿي جو ان کانپوءِ ٻين فنڪارن به ان کي پنهنجي ڳائڻ ۾ شامل ڪري ورتو

هي ناليوارو ڳائڻو 3 جولاءِ 1979 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس ڳايل گيت اڄ به ماڻهن کي ياد آهن    

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔