وزير اعظم جو صوبائي فنانس ايوارڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو انتهائي اهم آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد:سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جو صوبائي فنانس ايوارڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو انتهائي اهم آهي. وفاقي وزير چيو ته ضلعا هاڻ پنهنجي حصي جي ترقياتي فنڊز لاءِ صوبائي حڪومتن جا محتاج نه هوندا. ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته صوبائي وسيلن جو حصو آئيني فارمولي مطابق ورهايو ويندو  فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم جو هي قدم بنيادي سڌارن  طرف انتهائي اهم قدم آهي،ڪابينا جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن اجلاس ۾ صوبائي مالياتي ايوارڊز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔