اينڪرپرسن مريد عباس قتل ڪيس، بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر

ڪراچي : ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل اينڪرپرسن مريد عباس جي وارثن ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج ڏکڻ نمبر 4 جي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، سيشن جج ڏکڻ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 7 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو. اينڪرپرسن مريد عباس جي گهرواري زارا عباس سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ عدالت نمبر 10 تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عدالت نمبر 10 جوابدار عادل زمان جي درخواست تي 17 جون تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي ۽ ساڳئي ئي ڏينهن بعد ضمانت تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فاضل جج ڌر وارو ڪردار ادا ڪيو، ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪيو وڃي. درخواستگذار استدعا ڪئي ته مريد عباس قتل ڪيس عدالت نمبر 10 مان عدالت نمبر 4 منتقل ڪيو وڃي. سيشن جج ڏکڻ، عدالت نمبر 10 جي جج ۽ جوابدار جي وڪيل سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 7 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔